پريس پڌرائي – جنوري 17، 2023
سنڌُ پنهنجي ھزارين سالن جي تاريخ ۾ ھڪ شاھوڪار، خوشحال، آزاد ۽ ترقي يافتہ مُلڪ رھيو آھي ۽ اُنهيءَ خُوشحاليءَ سبب ئي سندس سيني تي غاصبن ۽ حملي آورن مختلف وقتن ۽ دورن ۾ پئي سنگينون ھلايون آھن. ڪڏھن بِن قاسم جي صورت ۾ ته ڪڏھن خلجين، ارغونن، تُرخانن، منگولن ۽ گورن جي صورت ۾ پنهنجي هِن پُر امن ڌرتي جو وجود هميشه تار تار ٿيندو رهيو آهي ۽ هِتان جو مهذب سنڌي ماڻھون غلاميءَ جي طوقن ۾ گرفتار ٿيندو رهيو آهي، پر تاريخ جي ايترن ظلمن ۽ ناانصافين کانپوءِ به سنڌي عوام پنهنجي ڌرتيءَ جي ٻاجهاري ۽ عظيم وجود کي بچائڻ خاطر هميشه سامراجي قوتن سان جهيڙيندو رھيو آھي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ مٿان ڪنهن به ڌارئي جي ناپاڪ ۽ ناجائز وجود کي تسليم ڪرڻ کان هميشه نابري ئي واريندو رهيو آهي.
20 صدي ۾ دُنيا جي تاريخ جي سڀ کان وڏي فراڊ يعني ٻه قومي نظريي جي صورت جڏهن پاڪستان نالي پنجابي بالادستي تي ٻڌل مذهبي بُنياد پرست رياست جي قيام جي صورت 1947ع ۾ پنهنجو وطن هڪ دفعو ٻيهر سامراجي يلغار ھيٺ اچي ٿو ۽ تڏهن کان اڄ ڏينهن تائين 75 سالن جي هِن تاريڪ دور اندر سندس وجود ميسارجڻ جي حد تائين خطري ۾ گهريل آهي. هِن بُنياد پرست رياست سنڌ جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف هيلن بهانن کان ڪم پئي ورتو آهي. ڪڏهن سنڌ جي اصلوڪي رهاڪن کي پنھنجي ماترِ ڀُوميءَ تان تڙي ڪڍڻ، سنڌ جي قومي سڃاڻپ (National Identity) کان انڪار ڪرڻ، سنڌُ جي ھزارين ورھين جي ٻوليءَ، ڪلچر ۽ تاريخ سان حقارت ۽ نفرت جو اظهار ڪرڻ، سنڌ جي مستقل آبادين (سنڌي ۽ اُردو ڳالهائيندڙ سنڌي) وِچَ ۾ نسلي فساد ڪرائڻ، سنڌ جي قومي وسيلن تي ڌاڙا هڻڻ، سنڌ جي تعليم تباھ ڪرڻ، سنڌ اندر مذھبي انتها پسندي کي فروغ ڏيڻ کان ويندي ھر قسم جي سازشن وسيلي هِن رياست سنڌ جي وجود کي ڇيهو رسائڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي.
انھيءَ کان علاوہ جڏهن هي مذھبي بنياد پرستيءَ تي بیٺل رياست سنڌ کي ون يونٽ (One-Unit) ذريعي ختم ڪرڻ واري پنهنجي مڪروھ سازش ۾ سنڌ جي قومي مزاحمتي شعور هٿان شڪست کائڻ کان پوءِ پنهنجي سامراجي حڪمتِ عملين ۾ تبديلي ڪندي قومن جي قاتل 73ع جي آئین جي بدولت سنڌ جي قومي وجود مٿان حملاآور ٿي پنجابي هڪ هٺي کي قانوني جواز فراھم ڪيا ته انھيءَ سموري وارتا کي ڏسندي سِنڌُ جي ھڪ دور انديش سياستدان ۽ قومي رھبر سائين جي ايم سيد پنھنجي سياسي بصيرت سان پاڪستان جي هِن ڪوڙي ڪاڪ محل ۽ ٺڳي جي ٺاھ کي سنڌ جي قومي وجود جي بقا جي فِڪر يعني سنڌ جي آزاديءَ جي پيغام وسيلي نظرياتي شڪست سان دو چار ڪيو. سنڌ جي انهن سمورين دانھُن ۽ دردُن جو درمانُ بڻجندي ۽ سِنڌُ جي قومي غُلاميءَ جا طوق ڀڃڻ لاءِ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد 31 مارچ 1973ع تي سنڌ جي شاگردن اڳيان “آزاد سنڌوديش” جو نظريو رکيو.
سنڌ جي قومي وجود جي بقا سان منسلڪ انھيءَ پيغام کي سنڌ جي قوم پرست شاگرد سياست جھر جھنگ پھچايو ۽ عملي طرح سان سنڌ جي قومي تحريڪ کي منظم رُوپ ڏنو. سِنڌُ جي اھا قومي تحريڪ پنھنجي پنجاھ سالہ جدوجهد ۾ مختلف رياستي آپريشن ، ڪريڪ ڊائون ۽ ٽارچن کي منهن ڏيندي پنهنجي تاريخ جي جاندار اُڀارن مان گذرندي رهي، دُنيا جي مختلف قومي تحريڪن جيان ڪيترا ئي نشيب و فراز پنهنجي دامن ۾ سانڊيندي آئي آهي.
سنڌي قومي تحريڪ جي 5 ڏهاڪن تي محيط تاريخ ۾ سنڌ جي قوم پرست شاگرد سياست جساف جي پليٽفارم وسيلي هميشه سندس سگهاري مورچي طور سڃاتي وئي آهي؛ پَر هڪ طرف رياستي جبر ۽ ٻئي پاسي پنهنجين غلط حڪمتِ عملين ڪري اڄ شاگرد سياست ڊي-اسٽيبلائزڊ (De-Stablized) ٿي غير فعاليت جو شڪار بڻجي چُڪي آهي؛ جنهن لاءِ هاڻي اڳ جيان قومي تحريڪ جي گهرجن جو پورائو ڪرڻ ممڪن ناهي رهيو، انھيءَ صورتحال جي ٺوس ۽ معروضي تجزيي سوچيندڙ دماغن جي انھيءَ طرف نمائندگي ڪئي ته جيستائين سنڌ اندر “رول ماڊل آرگنائيزيشن” تحت جساف جي نئين سِر جديد سائنسي بنيادن تي بحالي کي ممڪن نٿو بڻايو وڃي، تيستائين سنڌ جي قومي تحريڪ جي ٻيهر فعاليت وارو سوال جيئن جو تيئن ئي رهندو. انھيءَ مقصد جي پيشِ نظر اڄ سَن جي مقدس سر زمين تي رهبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه واري قومي پروگرام جي موقعي تي آزاد، خودمختيار، روشن خيال، ترقي پسند قوم پرست شاگرد جماعت ”جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جي بُنياد جو اعلان ڪَجي ٿو.
گڏوگڏ اھو واضح ڪَجي ٿو تہ جيتوڻيڪ اڄ جي حالتن اندر جساف ڪنھن به ماس پوليٽيڪل پارٽي جي ذيلي فرنٽ جي طور تي ڪم ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي هي نمائندا قومپرست شاگرد جماعت پنھنجن فيصلن ۾ مڪمل طور تي آزاد ۽ خودمختيار رھندي پَر سنڌ جي وسيع تر قومي مفاد خاطر سنڌ جي قومي تحريڪ سان لاڳاپيل سڀني ماس پارٽين سان اتحادي ۽ سهڪاري رَوَين جو ارادو رکي ٿي.
انھيءَ سان گڏ سنڌ اندر شاگرد سوال جي اھميت جي پيشِ نظر تمام تر وطن پرست ۽ تعليم دوست شاگرد جماعتن سان پڻ گڏيل جدوجهد جي خُوائشمند رهندي.
جساف پنهنجي قيادت ۽ سمورن ڪارڪنن جي توسل سان سنڌ جي سموري ساڃاهه وٽان پنهنجي هِن اڙانگي سفر ۾ حوصلا افزائي ۽ همدردين لاءِ پُر اُميد هُجڻ سان گڏ سنڌ جي باشعور وطن پرست شاگرد طبقي وٽان ڀرپور ساٿ جي آسائِتِي آهي.
اسين اُميد ڪريون ٿا ته سنڌ جو باشعور شاگرد طبقو پنهنجي ڌرتي سان وابسته هن بقا ۽ فنا جي جنگ دوران ” جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جي مورچي وسيلي سنڌ جي وجود جي دفاع ۾ پيش پيش رهندو ۽ تاريخ جي هِن اهم دور ۾ پنهنجي مٿان عائد ٿيل قومي ذميواري جو پورائو ڪندي سنڌ لاءِ رهبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد پاران ڏٺل آزاد سنڌوديش جي عظيم خواب کي ساڀيان جي منزل تائين رسائڻ لاءِ جُهد مسلسل ۾ رهندو.
مَرڪزي آرگنائيزنگ باڊي
چيف آرگنائيزَر
جي.ايم کَٽي
1 ڊپٽي آرگنائيزَر
آصف ڀُرٽ
2 ڊپٽي آرگنائيزَر
شهزاد چانڊيو
3 ڊپٽي آرگنائيزَر
شان قُريشي
1 آرگنايئزَر
حفيظ چانڊيو
2 آرگنائيزَر
اڪبَر رضوي
3 آرگنائيزَر
لطيف ٻگهيو
4 آرگنائيزَر
انتظار رودناڻي
پاران : جيئي سنڌ اسٽُوڊَنٽس فيڊريشَن (جساف)