پريس پڌرائي (2023-05-30)

map

پريس پڌرائي (2023-05-30)
جيئي سنڌوديش
جيئي سائين جي ايم سَيد

جيئن ته چوٿين دنيا جون مظلوم قومون اڄ سرمائيداري، بيٺيڪيتن جي جديد روپ ۽ بندوقن جي بَيرل جي نشاني “سِسِي نيزي پانڌ” ھجڻ باوجود پنھنجو وجود بچائڻ لاءِ پنھنجي نَسلن جون قربانيون ڏيئي رھيون آھن اُتي سنڌ جو وجود سنڌ جو سياسي ذھن اَڄُ ملٽري مانسٽرز ۽ سندن ساٿ ڏيندڙ لوڪل سامراج جي ملي ڀڳت سان مُسلط ڪيل پيچيدھ غلامين جا طوق “ڪڏھن ڪرجي ڪاتُ ٿي ته ڪڏھن ٿجي ڪنڌَ” جھڙي باوقار روايت سان سنڌ جي خوبصورت آئيندي جو تدبيرون ساڀيان ڪرڻ جي جستجو ۾ آھي سنڌ جي جاگرافيائي وجود اڄ جتي عالمي ازدھائُن ۽ اندروني بگھڙن جي مال غنيمت بڻيل آھي اُتي سنڌ جو سياسي شورش سنڌ جي قومي تحريڪ پنجاھ سالَن کان غلامي کان بيزاري ۽ پنھنجي وطن جي مالڪي جي دعوا ڪرڻ ۽ آزادي پسند ويچار ڌارا اختيار ڪرڻ جي پاداش ۾ رياست جي انتھائي غير انساني غير اخلاقي جبر کي منھن ڏيئي رھيو آھي تڏھن ئي سنڌ جي اندر قومي ڪارڪنن جون گمشدگيون ايترو معمول بڻجي ويون آھن جو سنڌ جون اخبارون اُنھن کي سبزي جا ريٽ وڌڻ جھڙي خبر جيتري به اھميت نه پيون ڏين ۽ سنڌ جو شعور رياستي جبر جي گھاڻي م پيسجڻ باوجود پنھجي سياسي دعوا تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ناھي، رياست جي “کنڀيو، گُم ڪيو، ۽ عُمر ڀَر نامعلوم بڻايو /لاتعلقي ڪريو” جي پبلڪ ڊيلنگ پاليسي زور وَ شور سان جاري آھي اُتي فسطائيت فرعونيت ۽ بربريت جي ھڪ ٻي لھر به ڪجھ عرصي کان جاري آھي ته اُھو سينو ته پروڻ بڻائجي ئي بڻائجي جن ۾ آزاد سنڌ ڏسڻ جو اُميدون ڪَر موڙينديون ھجن پر ھاڻي اُھا ديوار به چٿي رکجي جنھن تي ڪٿي به آزاد سنڌ جو نعرو يا نشان باقي آھي اھا نفسيات حواس باختہ ھجڻ ۽ سنڌ جي ماڻھن سان رياست جي روش ۽ نفرت جو کليو اظھار آھي جنھن تحت رات جي سانت ۾ بزدليءَ سان سنڌ جو نقشو زرعي يونيورسٽي انتظاميا ۽ رينجرز جي ملي ڀڳت سان ٽوڙيو ويو آھي اُھو نقشو جيڪو سنڌ جي نوجوانن ٻارن ٻُڍن ۽ عورتن جي سيني م ساھ سان گڏ ساھ کڻندو آھي ۽ اِھا ئي حقيقت ۽ وطن پرستي ھاڻي رياست کي خطرو محسوس ٿيڻ شروع ٿي آھي

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سمجھي ٿي ته سنڌ جو سياسي اظھار رياست لاءِ ناقابل برداشت بڻجي رھيو آھي ۽ سنڌ جي نقشي جي حرمت پائمال ڪرڻ جي شديد لفظن م مذمت ٿي ڪري ۽ سنڌ جي نوجوان سان مخاطب ٿيندي اِھو بانور ڪرائڻ چاھي ٿي ته اَڄُ ڪھاڙي ۽ ڳاڙھي جھنڊي سان زينت بڻيل سنڌ جو نقشو ٽوڙيو ويو آھي اُھو فقط ان لاءِ آھي ته اھو ڪھاڙي وارو جھنڊو سنڌ جي وسيلن جي مالڪي جي گھر ڪري ٿو اِھو جھنڊو سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت ڄاڻائي ٿو سنڌ جون زمينون ملٽري ۽ بابائي ملٽري ملڪ رياض ۽ بحريا ٽائون جھڙي ازدھا پروجيڪٽن جي قبضي ٿيڻ تي مزاحمت جو روپ اختيار ڪري ٿو ۽ اُھو ئي جھنڊو آھي جيڪي ھر ھاري ناري مزدور شاگردن ۽ سنڌ جي مجموعي آباديءَ خلاف ٿيندڙ ڪنھن به بي واجبي تي اُڀو رھي ٿو اِن لاءِ ھي ڳاڙھو جھنڊي ھيٺ رنگيل نقشو ناھين ٽُٽو پر سنڌ جي سھاڻي ساڻيھ واري خواب ۽ بقا جي تحرڪ تي نفرت جو اظھار ڪيو ويو آھي تنھن ڪري جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پنھنجي ڪارڪنن کي پابند ٿي ڪري ته اَوھان پنھنجي ڪاليجن يونيورسٽين سنڌ جي مڙني شھر جي چوڪن تي ساڳي ريت سنڌ جا نقشا ٺھرايا وڃن ۽ جساف پنھنجي ھمدردن ۽ قوم جي باشعور فرزندن کي اپيل ٿي ڪري ته ھن مھم ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ساٿ ڏين.

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن – مرڪز