پريس پڌرائي -2023-06-25

image

سنڌوديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رھبر آ

پريس رليز~ 25.06.2023

رياستي نااهلي سبب سنڌ جا سمورا تعليمي ادارا شديد بُحران جي ور چڙهيل آهن سنڌ کي ڊگهي غُلامي جي ڌُٻڻ ۾ ڌڪڻ لاءِ سنڌ جي تعليمي اداراتي اسٽرڪچر کي مڪمل تباه ڪيو ويو آهي ته جيئن سنڌ جي نوجوان کي تعليم جهڙي بنيادي انساني ضرورت کان محروم رکي سگهجي. والدين پنهنجي ٻارن جي بهتر مستقبل کان فڪرمند ٿي ڪري پنهنجن ٻارن کي پنجاب جي عبدالقدير خان انسٽيوٽ جهڙن نام نهاد نالي وارن ادارن ۾ موڪلين ٿا ته جيئن سندن اولاد ڪنهن ڀلي اداري مان تعليم يافته ٿي ڪري پنهنجو روشن مستقبل جوڙي سگهي مگر پاڪستان جو سمورو تعليمي نظام ڪارپوريٽ بزنس بڻيل آهي جتي شاگردن کي بهتر تعليم جي نالي تي لُٽيو ۽ ڦريو وڃي ٿو. سنڌ جو شاگرد تعليم جي محرومي ۽ علم حاصل ڪرڻ جي تڙپ ۽ طلب سبب عبدالقدير اسڪول جھڙن ادارن ۾ خوار و رسوا ٿيڻ به برداشت ڪري ٿو پر رياستي خاص ڪري پنجابي نفسيات جيڪي سنڌ مان تعليم جي سلسلي ۾ آيل سنڌي نوجوانن کي ٻئي درجي جو شھري ۽ غلام سمجھي معتصباڻہ رويو روا رکندي ھاڻي ته انتظامي نااهلي جي آڙ ۾ سنڌ ڏانھن سندن ٻچن جا لاش اُماڻي رھي آھي، اَسين پنجاب م تعليم لاءِ رھندڙ سنڌي نوجوانن کي ھي ڳالھ بانور ڪرائڻ ٿا گھرون ته اُتي موجود ھوندي پنجاب جي سنڌ جي نوجوانن ڏانھن روين ۽ تعليم جھڙي مقدس شئي جي فراهمي ۾ ڀيد ڀاءُ جا گواھ رَھن، قومي غلامي جي اظھار، قومي تضاد جي ڳَر کي سڄاڻن. جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن عبدالقدير اسڪول اسلام آباد جي نااهلي سبب فوت ٿيل سنڌي شاگرد عبدالصمد کي تعليم جو شھيد قرار ڏيندي سندن قَتل خلاف سخت ڪاروائي جي گھر ۽ شفاف جاچ جھڙي بنيادي حق لاءِ سڀاڻي حيدرآباد پريس ڪلب تي احتجاج جو سڏ ڏئي ٿي.

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن مرڪز