سرڪيولر: اليڪشن کان بائيڪاٽ جو اعلان
سرڪيولر:
“اليڪشن کان بائيڪاٽ جو اعلان”
(05 فيبروري 2024)
جِيئي سِنڌُ اسٽُوڊنَٽس فيڊريشن جو سَمُوري قوم کي التجائي پيغام؛
پاڪستان جيڪو قومن جي جبري الحاق جو مُجسمَو بڻيل آھي، جنھن جي قبضي ۾ آيل قومُون پنھنجي وَطني شُناخت کي بچائڻ لاءِ جھد جي فيصلا ڪُن موڙ تي بيٺيون آھن، ان ۾ جيڪر سِنڌ جي ڏُوارُ جو ذڪر ڪنداسُون تہ طويل قصہءِ درد ٿي ويندو، ھن سَفاڪ ۽ غير فطري رياست ۾ سنڌ جي وُجود کي تاراج ڪرڻ جا ناپاڪ ارادا رٿيا ۽ سرانجام ڏنا وڃن ٿا؛ جَيڪر سنڌُ جي سِيني کي چيري ان جي ڪَليجي جي ڪَور کي ڏسنداسُون تہ لطيف جي ھِنن سٽُن جي ترجُماني ملندي؛ “آڻي وِڌم ڏُکن جي، ڏولي ڏُوار ساڻ” ھن ملٽري اسٽيٽ ۾ سنڌ جو قومي وُجود مُڪمل طور تي خطري ھيٺ آھي.
سائين جي ايم سيد جنھن ھن رياست کي نظرياتي طور تي شڪست خوردہ ڪري، پنھنجي فڪر ذريعي اھو واضح ڪري ڇڏيو تہ سنڌ جي بقا لاءِ پاڪستان جو وجود ۽ پاڪستاني ادارا ھاڃيڪار آھن، جنھن ۾ ملٽري، اسٽيبلشمينٽ، عدليه، اسيمبليون سنڌ جي وجود کي تھس نھس ڪرڻ جا ٽُول آھن.
جِيئي سِنڌُ اسٽُوڊنَٽس فيڊريشن (جساف) سنڌي قوم کي اھو احساس ڏيارڻ گُھري ٿي تہ پاڪستان جو وُجود ۽ پاڪستاني ادارا ڪنھن بہ صُورت ۾ سنڌ جي بھتريءَ لاءِ ڪارگر ناھن نہ ئي اليڪشن جي ذريعي پاڪستان سان جڙندي سنڌ کي مليل زخمن جو مرهم ثابت ٿي سگهن ٿا؛ انڪري 08 فيبروريءَ تي ٿيندڙ رياستي اليڪشن کي جساف مڪمل طور تي رد ڪري ٿي ۽ جساف بالخصوص سڄي قوم کي اھا اپيل ڪري ٿي تہ 08 فيبروريءَ تي ڪنھن بہ اميدوار کي ووٽ نہ ڏين ۽ اليڪشن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪن، ۽ گڏوگڏ جساف سَمُوري قوم کي اھا اپيل ڪري ٿي تہ سنڌ کي ھن پُلصراطي دور مان صرف سائين جي ايم سيد جو فڪر پار اُڪاري سگھي ٿو؛ سنڌ جي وُجود جي بقا ۽ خوشحالي سائين جي ايم سيد جي فڪر ۾ سمايل آھي. انڪري اچو تہ سائين جي ايم سيد جي فڪر ھيٺ گڏ ٿي سنڌ جي قومي شناخت کي بچائي ۽ سنڌ جي مُڪمل سياسي، اقتصادي ۽ جيوگرافي آزاديءَ جي لاءِ جدوجھد ڪَريُون.
حفيظ چانڊيو – مرڪزي ترجُمان
جِيئي سِنڌُ اسٽُوڊنَٽس فيڊريشن (جساف) مرڪز