پريس پڌرائي (18 جنوري 2024)
پريس پڌرائي
(18 جنوري 2024)
دنيا جي ڊگھي ارتقائي تسلسل اندر ڪيترائي فرد جنم وٺندا رھن ٿا پر ڪي فرد پنهنجي فڪر سان دنيا جي تاريخ تبديل ڪرڻ جو ڏانءُ پڻ رکندا آھن، جنهن ڪري تاريخ جي ھن ڊگھي تسلسل اندر سندن فردي حيثيت بجاءِ ھڪ قومي شخصيت ۽ تاريخ ساز ڪردار جي حيثيت سان سڃاتا ويندا آهن. سنڌ جيڪو تھذيب، تمدن، علم ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ ھڪ شاھوڪار خطي جي حيثيت رکي ٿي. جنهن اھڙن ڪيترن فردن کي جنم ڏنو آھي، جن پنهنجي فڪر ۽ صلاحيتن وسيلي قومي سجاڳيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. اھڙن ئي ڪجھ امر ڪردار شخصيتن ۾ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد سرفھرست آھي، جنهن برصغير جي سياست جي لاھن چاڙھن جو گھرائي سان مشاھدو ڪيو ۽ مختلف سياسي تجربن بعد سنڌي قوم کي سندن حقيقي خوشحاليءَ ۽ آزاديءَ جو نظريو ” سنڌوديش” جي صورت ۾ ڏنو؛ ۽ سنڌ جي قومي تڪميل سازيءَ لاءِ شاندار ڪردار ادا ڪيو، جنهن ڪري اڄ سنڌي قوم سندن ان سياسي ڪردار تي فخر ڪري ٿي.
ھر سال وانگر سترھين جنوريءَ تي سنڌ جي عظيم مفڪر اعظم سائين جي ايم سيد جي 120ھين سالگرھ سندس آخري آرام گاھ سن ۾ ملھائي وئي. ان موقعي تي جيئي سنڌ اسٽوڊنس فيڊريشن (جساف) پاران ” جساف لٽريچر ڪئمپ” پڻ لڳائي وئي. جنهن ۾ جساف پنهنجي ترجمان رسالي”ڀومي“جي ٽئين ڪڙي متعارف ڪرائي. جيڪا قومي تحريڪ جي اھم اڳواڻن جي انٽرويوز ۽ مختلف سياسي سماجي صورتحال کان ويندي سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ شاگرد سياست تي مبني معياري مضمون سان ڀرپور ھڪ ترجمان رسالو آھي.
جساف پنهنجي قيام جي پھرين ڏينهن کان وٺي قوم جي بالخصوص نئين ٽھي کي فڪر سيد سان گڏوگڏ عالمي سياسي صورتحال جي جائزي ۽ سنڌوديش جي ڪيس ۽ سندس فڪري سياسي سماجي ۽ علمي ميدان ۾ سندن شعوري آبياري پئي ڪئي آھي ۽ سندن صلاحيتن کي قومي ڪاز لاء استعمال ڪرڻ جي جستجو ۾ رڌل آھي، ان سلسلي ۾ جساف پنهنجي ترجمان رسالي ڀومي جو آغاز ڪيو ھيو.
جساف پنهنجي وس آھر قومي تحريڪ ۽ قومي تحريڪ سان جڙيل فردن جي فڪري صلاحيتن کي پروان چاڙهڻ جي ڪوشش ۾ آھي ۽ پنهنجي ھنن ڪوششن سان قوم جي آزادي ۽ خوشحالي لاء شاگرد سياست جي محاذ تان ھڪ اھڙو ڪيڊر تيار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي، جيڪو قومي آزادي ۽ قومي جدوجهد لاء پاڻ ملھائيڻ جو ڏانءُ رکندو ھجي. جساف سمجھي ٿي ته سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جو ڏينهن اسان سنڌين لاء تجديد عھد وفا جو ڏينھن آھي ان سلسلي ۾ جساف پڻ پنهنجي سموري مرڪزي قيادت ۽ ضلعي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏ سائين جي ايم ۽ شھيدن جي مزارن تي حاضري ڀري قومي تراني سان کين ڀيٽا پيش ڪئي ۽ نئين عظم سان قومي ڪاز لاء پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪرڻ جو وچن ورجايو.
ان سان گڏوگڏ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعي قوئيسٽ يونيورسٽي نوابشاھ، نئون ڪوٽ ۽ مٺي ۾ سائين جي ايم سيد جي 120ھين سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو، پروگرام جي شروعات سنڌ جي قومي تراني سان ڪئي وئي ۽ سائين جي ايم سيد جي زندگيءَ سندس ادا ڪيل ڪردار تي ڳالھايو ويو.
ترجُمان –
جيئي سِنڌ اسٽُوڊنَٽس فيڊريشن (جساف) مرڪز