پريس پڌرائي -2023-06-06
سنڌوديش مقدر آ
سائين جي ايم سيد رهبر آ
جيئن ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ شهيد بشير خان قريشي جي يادگار طور سڃاڻجندڙ سنڌ جي نقشي جي مسمار ٿيڻ تي جساف پنھنجي گذريل تفصيلي موقف ۾ اھو واضع ڪيو ھئو ته اِھا ھڪڙي مڪمل نفسيات ۽ رياست جي ذھن ۾ سمايل سنڌ جي جاگرافيائي وجود، سياسي اظھار ۽ ڳاڙھي جھنڊي سان نفرت آھي جنھن نفرت جو اظھار وقتن بوقتن ڪيو ويندو آھي. جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان ان اوڇي رَوش جي ڀرپور مزمت ۽ اُن جي ردعمل طور سنڌ جي مختلف شھرن ۾ نقشا ٺاھڻ جو اعلان ڪيو هو جنھن ڏس ۾ جساف طرفان سڪرنڊ ۽ جاتي ۾ نقشا پئنٽ ڪيا ويا ۽ گڏوگڏ سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل ڪئنٽين واري نقشي کي ٻيهر رنگ ڪري قومي ترانو پڙهيو ويو.
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن مرڪز