منشور
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف)
انسانيت جي معلوم تاريخ اندر ”سنڌ“ تهذيبن و تمدن رکندڙ ڌرتين جي فهرست ۾ بلند و بالا حيثيت جي حامل رهي آهي. جيڪا پنهنجي دامن ۾ خوشحال، روادار، ترقي يافتہ ۽ پُرامن تاريخ جا ثبوت سانڍيندي تيزي سان تبديل ٿيندڙ دُنيا اندر اڄ بہ قومي وجود جي قيام ۽ برقراريت واري جنگ ۾ پنهنجي زخمي ۽ هيڻي وجود وسيلي ھميشه جيان سامراجيت خلاف جهيڙيندي اَچي پئي. شايد تاريخ اندر هُن جو اھو ئي خوشحال ۽ پُرامن وجود هيو جنهن دُنيا جي وحشي، غير مهذب ۽ استحصالي طاقتن کي هميشه پاڻ ڏانھن مُتوجہ رکيو ۽ تاريخ جي مختلف دورن اندر ڪڏهن عربن، ڪڏهن فارسين، ڪڏهن منگولن، ڪڏهن ترخانن، ڪڏهن مغلن تہ ڪڏهن وري انگريزن جي صورت ۾ سندس پاڪ و پوِتر سينو سامراجي گھوڙن جي سنبن ھيٺ بيدردي سان چيڀاٽجندو رھيو آھي ۽ سنڌ جو وجود تيزي سان ترقي ڪندڙ دُنيا اندر هميشه استحصال ۽ پرماريت جي زخمن سان چُور چُور ٿيندو رهيو آهي. سندس آخري آزادي 1843ع ۾ برطانوي سامراج جي يلغار ھيٺ ختم ٿي جڏھن سنڌ پنهنجي آزاد وجود کي قائم رکڻ واري جنگ مياڻي ۾ هارائي ۽ هڪ ڊگهي عرصي لاءِ انگريز سامراج جي غلامي جي زنجيرن ۾ گرفتار ٿي وئي مگر سنڌ سَر تسليمِ خم بجاءِ ڪمزور ئي صحيح پر مزاحمت جي جوت کي جلندي رکيو ۽ ”جهڪڻ کان ڪُسجڻ بهتر آهي“ جي عظيم ۽ اعليٰ آدرش جي پاسباني ڪندي رهي جنهن کي حُر بغاوت، روپلو ڪولهي جي مزاحمت، هيمو ڪالاڻي يا بمبئي پريزيڊنسي کان عليحدگي ۽ ٻين ننڍين وڏين تحريڪن جي صورت ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو.
ٻي عالمي جنگ جي نتيجي ۾ جڏهن قومن جي آزادي جو سوال شدت اختيار ڪري ٿو ۽ برطانوي سامراج عالمي طور تي ڪمزور ٿي بري صغير کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ٿو تہ سندس زيرِ تسلط ڪيترين ئي محڪوم ۽ مظلوم قومن جيان سنڌ جي قومي آزادي جو سوال بہ اينگلو آمريڪن بلاڪ جي سازشن جي نظر ٿيندي 20ھين صديءَ جي سڀ کان وڏي فراڊ يعني ٻہ قومي نظريي جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
قومون مُختلف حربن زريعي غُلام بڻايون وڃن ٿيون جن ۾ ڪڏهن براه راست طاقت جو استعمال ٿئي ٿو تہ ڪڏهن وڻج واپار، مذهب يا ٻين بهانن ذريعي کين غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيو وڃي ٿو. ساڳي طرح سنڌ جي هاڻوڪي غلامي يعني سنڌ مٿان پنجاب سامراج جو قبضو 1947ع ۾ هڪ ڌوڪي ۽ فراڊ وسيلي ممڪن بڻجي سگهيو جڏهن برصغير جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي بُنياد ۾ اچڻ لاءِ سنڌ سميت هتان جي قومن سان 1940ع جي قرارداد تحت حقِ عليحدگي جي فعال حق هجڻ سان گڏ آزاد ۽ خودمختيار رياستن تي مشتمل هڪ ڪانفيڊريشن جو واعدو ڪيو ويو جنهن تحت ئي سنڌ 1940ع جي قرارداد کي اسيمبلي مان منظوري ڏيندي رضاڪارانہ بنيادن تي پاڪستان سان شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو پَر پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ شرط ئي قومن سان ڪيل اُنهيءَ تاريخي واعدي کي پنجاب سامراج پاران فراموش ڪيو ويو ۽ سنڌ انگريز سامراج جي غلاميءَ مان نڪري ڌوڪي ۽ فريب وسيلي هڪ دفعو ٻيهر پنجاب سامراج جي غلامي اندر گرفتار ٿي وئي جيڪا غلامي سنڌ جي اصلوڪن ھندو سنڌي رهواسين جي زبردستي لڏپلاڻ، ڪراچي جي سنڌ کان عليحدگي، سنڌ مٿان ون يونٽ جي ڪاري قانونن کي مڙهڻ، سنڌ جي قومي وسيلن تي قبضي، فوجي جنتا جي مارشلائُن کان وِيندي آئيني طور سنڌي قوميت کان مڪمل انڪار تائين پنجابي سامراجي بيٺڪيت جي بدترين صورت اختيار ڪري چُڪي آهي جنهن ۾ هاڻي ٻيو تہ ٺهيو پر سنڌين جا بُنيادي انساني حق پڻ معطل ڪيا ويا آهن. ڌوڪي ۽ فريب تي مشتمل انھيءَ پنجابي استعماريت خلاف جتي بنگالين ۽ بلوچن سميت ٻين محڪوم ۽ مظلوم قومن آواز اُٿاريو اُتي سنڌ جو قومي شعور بہ پنهنجي مزاحمتي رُوحَ سان سراپا بغاوت بڻيو رھيو ۽ جڏهن سنڌ جي قومي وجود مٿان ون يونٽ جي ڪاري قانون ذريعي حملو ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ته سنڌ جي ساڃاهہ پنهنجي تاريخي قومي مزاحمت جو اظهار ڪيو جنهن ۾ 4 مارچ 1967ع جي شاگرد هلچل بہ نمايان حيثيت رکندڙ آھي.
جنهن ذريعي ئي سنڌي قومي تحريڪ اڳتي هلي شاگرد سياست جي صورت ۾ پنهنجي تشڪيل جو ابتدائي مرحلو مڪمل ڪري مُڪمل قومي آزادي جي گهُر لاءِ بُنياد حاصل ڪيا. سنڌ جي قومي شعور پاران ون يونٽ خلاف هلايل تاريخي هلچل آخرڪار ڪامياب ٿي ۽ سنڌ مٿان پنجابي سامراج جو مڙهيل ڪارو قانون پنهنجي منطقي انجام تي رسيو جنهن کان پوءِ رياست اندر 1970ع جون عام چونڊون ٿيون جنهن ۾ عوامي ليگ جي بنگال ۾ ڪلين سوئيپ ڪرڻ باوجود به پنجاب جي فوجي جنتا دُنيا جي مڃيل جمهوري اصولن کي ٿُڏيندي شيخ مجيب الرحمان ۽ عوامي ليگ کي اقتدار ڏيڻ کان مڪمل انڪار ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ بنگالي قوم پاڪستان سان وڌيڪ گڏ نہ رھڻ جو فيصلو ڪندي ڀرپور قومي مزاحمت کان پوءِ لکين جانين جو نذرانو ڏئي بنگلاديش کي پنجابي سامراج کان آزاد ڪرايو ۽ 1971ع ۾ محض 24 سالن جي عرصي دوران ئي ٻہ قومي نظريي جي غير فطري اصول تي قائم 1947ع وارو پاڪستان ٽُٽي پيو ۽ تاريخ اندر انھيءَ حقيقت کي هڪ دفعو ٻيهر تقويت حاصل ٿي ته ”قومن جي مذهبي بنيادن تي تشريح غير فطري آهي.“ بنگلاديش جي آزاديءَ کان پوءِ سنڌ ھاڻي پاڪستان جي عنوان تحت باقي بچيل پنجابي بيٺڪيت ۾ پنجاب جي مستقل سياسي اڪثريت ۽ استحصالي عسڪري قوتن جي آڌار تي غلاميء جي زنجيرن ۾ وڌيڪ مضبوطي سان جڪڙجي وڃي ٿي.
پنجاب سامراج سنڌ جي سياسي، انتظامي اختيارن کان ويندي قومي وسيلن تائين سنڌي قوم جي مستقبل مٿان مُڪمل قابض ٿي سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻجي وڃي ٿو ۽ 1973ع اندر ٺهندڙ رياستي آئين ۾ بنگلاديش جي صورت ۾ اڳ ئي ناڪام ثابت ٿيل ٻہ قومي نظريي جي بُنياد تحت پاڪستانيت واري خود ساختہ قوميت جي بهاني سان سنڌين سميت هِن رياست جي قبضي ھيٺ تمام تاريخي قومن جي فطري شناخت کي رد ڪندي سندن قومي وجود کان آئيني ۽ قانوني طور مڪمل انڪار ڪيو وڃي ٿو. انھن سموري پيچيدہ ۽ پريشان ڪُن صورتحال ۾ جِتي سنڌ جو قومي وجود بقا ۽ فنا جي فيصلا ڪن مرحلي مان گذري رهيو هو ۽ سنڌ جو قومي سوال صحيح سائنسي ۽ فطري سمجهاڻي جو متلاشي بڻيل هيو اُتي رهبرِ سنڌ سائين جي.ايم سيد پاران سنڌ جي قومي سوال جي ترجماني ڪندي سنڌ جي قومي شعور جي رهبري ڪئي ۽ 1940ع جي قرارداد تحت قومن سان ڪيل واعدي (معاھدي) جي وفا نہ ٿيڻ، بنگلاديش جي ٺهڻ، ٻہ ﻗﻮﻣﻲ نظريي جي عملي ناڪامي ۽ آئيني طور تي سنڌين جي تاريخي قومي شناخت کان مُڪمل انڪار جي صورت ۾ پاڪستان جي نالي ۾ قائم هِن پنجابي بيٺڪيت جي تجربي کان پوءِ سنڌ جي قومي سوال جي مستقل، اصولي ۽ فطري حل لاءِ ”سنڌوديش“ جي نظريي تحت ”آزاد سنڌ“ جو تصور پيش ڪيو.
سائين جي.ايم سيد سنڌ جي بقا جي تاريخي سوال جي نہ صرف پنهنجي قلمي طاقت وسيلي فڪري رهبري ڪئي بلڪي عملي طور ”جيئي سنڌ“ جي سياست ذريعي خام صورت ۾ موجود سنڌ جي قومي تحريڪ کي ٺوس سياسي بُنياد فراھم ڪندي منظم صورت ڏني. جيئن ته ون يونٽ خلاف سنڌ جي قومي مزاحمت دوران سنڌ جي شاگرد سياست جو ڪردار انتهائي اهميت جوڳو رھيو هو جو سنڌ جي سجاڳ شاگرد برادري ۽ سنڌ جون علمي درسگاهون سنڌ جي شعور جا ترجمان هئا تنهن ڪري سائين جي.ايم سيد بہ هِن انتهائي مُشڪل ۽ مقدس مقصد جي حصول لاءِ پنهنجي پيغام جي پهرين مخاطب جي حيثيت ۾ سنڌ جي سُجاڳ شاگرد طبقي جي ئي چونڊ ڪئي ۽ سَڀ کان پهرين 31 مارچ 1973ع ۾ سنڌ يونيوَرسٽي ڄامشورو جي شاگردن سان ملهايل ”سنڌي شام“ دوران سنڌوديش جو فڪر اُتي موجود 23 شاگردن اڳيان پيش ڪيو. سائين جي.ايم سيد جي بصير ۽ دورانديش ﻧﻈﺮ جنهن کي سنڌ جي شاگرد طبقي ۾ موجود پنهنجي وطن لاءِ عشق ۽ قومي جذبي سان ڀرپور صلاحيتن جو بخوبي ادراڪ هيو؛ صحيح ثابت ٿي ۽ سنڌ جي قوم پرست شاگرد سياست اڳتي هلي ”جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ (جساف) جي صورت ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ جي احسن انداز ۾ پرورش ڪئي، جنهن سبب ئي جيئي سنڌ جي سياست ۾ جساف کي سنڌي قومي تحريڪ جي ماءُ جو درجو حاصل آهي.
جساف جتي هڪ طرف پنهنجي مضبوط ۽ منظم تنظيم ڪاري ۽ ٺوس سياسي بيانئي وسيلي سنڌ جي علمي درسگاهن کي قومي تحريڪ جي سگهارن مورچن جو رُوپ ڏئي ڇڏيو تہ ٻي طرف جساف مان فارغ ٿيندڙ ڪيڊر جيئي سنڌ جي سياست وسيلي سنڌ جي آزادي جي پيغام کي جهر جهنگ پهچائي قوم اندر قومي تحريڪ جي پاڙن کي مضبوط ڪيو. انھيءَ سان گڏ جساف سنڌ جي پسمانده بڻايل تعليمي نظام جي بهتري ۽ سنڌي شاگردن جي تعليمي حقن جي هميشه نمائندگي ڪندي رهي تہ جئين سنڌ جو شاگرد جديد دُنيا اندر پنهنجو علمي سفر آساني سان طئي ڪندي قومي شعور کان روشناس ٿيندو رهي. سنڌي قومي سياست جي تاريخ اندر جساف جي جدوجھد جو باب ڪنهن سياه رات دوران ارش ۾ چمڪندڙ مهتاب مثل رھيو آھي جنهن ھميشه سنڌ جي ساڃاهہ وند شاگرد طبقي اندر قومي شعور جي آبياري پئي ڪئي آهي ۽ سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش اڳيان قومي مفادن جي تحفظ ۾ نہ صرف مضبوط بيانيو ئي پيش ڪيو آهي بلڪہ اُنھن کي راءِ عامہ بڻائڻ ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪو به تاريخ کان روشناس ۽ حقيقت پسند ذھن انھيءَ ڳالھ کان انڪار ڪرڻ جو قطعي مجاز نه هوندو تہ جساف جي تذڪري کان سواء سنڌي قومي تحريڪ جو هر نقش ڌنڌلو ۽ هر واقعو اڌورو ئي آهي. جساف سنڌي قومي تحريڪ جي گھرجن جو پوراءُ جنهن شاندار طريقي سان ڪيو آهي اُهو عمل هِن خطي جي شاگرد سياست اندر قابلِ تقليد حيثيت رکندڙ آهي. پر جتي جساف پنهنجي اڌ صدي کان وڏي تاريخ اندر کوڙ سارا سياسي امتياز ماڻيا آهن اُتي حالتن جي جبر تحت سندس دامن ڪيترن ئي المين سان پڻ ڀِڳل آهي ۽ پنهنجي سياست جي هِن ڊگهي سفر دوران ڪڏهن تہ قومي مفادن جي اڪيلي سِر نگهباني ڪندي رهي آهي ۽ قومي تحريڪ جي بنجر بڻيل زمين تي قربانين جا ٻج ڇٽي کين پنهنجي ريٽي رت سان ريج ڏﻧﻮ آهي تہ ڪڏهن وري گروهہ بندي، انتشار ۽ مهم جوئيءَ سبب سندس متحرڪ تنظيمي ڍانچو جمود جو شڪار ٿي سکڻي نعري بازي تائين محدود بڻيل نظر اچي ٿو.
جيتوڻيڪ جساف جنهن حالتن مان گذري آهي ۽ جن المين کي منهن ڏنو آهي اُهي ڪنهن بہ جماعت جي وجود کي ميسارڻ لاءِ ڪافي هئا پَر جساف جون پاڙون سنڌ جي شاگرد سياست اندر اُنھي گهرائي تائين پيوست هُيون جو حالتن جي جبر جون ڪيڏيون به سنگينيون اُنھن کي اکيڙڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهيون. قومي جذبي سان سرشار ۽ سائين جي.ايم سيد جي فڪري رهبري مان تربيت يافتہ سنڌ جي سجاڳ شاگرد طبقي هميشه پنهنجين مخلص محنتن، جدوجھد ۽ قربانين وسيلي هِن قومي اداري جي وجود کي نہ صرف محفوظ رکيو بلڪہ مُشڪل ترين حالتن اندر بہ متحرڪ رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. جساف جي تاريخ جي انھيءَ سموري ڀڃ ڊاهہ، ڌڙا بندي، فعاليت ۽ غير فعاليت جي سفر جو صحيح سائنسي تجزيو انھيءَ طرف اشارو ڪري ٿو تہ جساف جي انھيءَ نشيب و فراز جي سفر کي سياسي تتهير ۽ تذڪيئي جي سفر سان تعبير ڪرڻ گهرجي ۽ اھو ئي سبب آهي جو جساف مُختلف دورن ۾ اھڙن سنگين المِين کان دوچار ٿيڻ باوجود بہ هميشه پنهنجي روايت طرف موٽ کاڌي آهي ۽ هر دفعي اڳي کان مضبوط موقف ۽ وڌيڪ سنجيده روين سان سنڌ جي شاگرد سياست جي نمائندگي ڪندي شاگرد پَرت اندر موجود وطن جي عشق کي نئين جَلا بخشي آھي. اَڄُ جي عالمي حالتن جي پيشِ نظر جِتي دُنيا روشني جي رفتار سان تبديل ٿي رهي آهي.
انفارميشن ٽيڪنالاجي جي بدولت ڌرتي گلوبل وليج جو رُوپ ڌاري چُڪي آهي. هڪ طرف دُنيا جون آزاد قومُون ترقي جي راھ تي گامزن ٿي مريخ تي رسائي لاءِ ڪوشان آهن ۽ پنهنجن سماجن اندر هر گذرندڙ ڏينهن سان سڌارا آڻڻ ۾ مصروفِ عمل آهن ته ٻئي پاسي غلامي جو ديوِ محڪوم قومن جي وجود کي ڳڙڪائيندو وڃي ٿو سندن قومي روايتن کان ويندي وسيلن تائين جو استحصال ڪِٿي مقامي سامراج پاران اڪيلي سِر تہ وري ڪِٿي عالمي سامراج جي ملي ڀڳت ذريعي ٿي رھيو آهي. جتي آزاد قومُن وٽ پنهنجي بُنيادي سماجي ﺿﺮﻭﺭتن جي پورائي کان پوءِ انوِائرومينٽل پروٽيڪشن، اينيمل رائيٽس ۽ گلوبل وارمنگ جهڙا ڪائناتي موضوع زيرِ بحث آهن تہ ٻي طرف وري پنھنجو ايشيائي خطو اڃا تائين سامراجيت، مذهبي انتهاپسندي ۽ فاشزم جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آھي. سنڌ جو وجود بہ اھڙي طرح ئي پنجاب سامراج جي غلامي ھيٺ پنهنجي بقا جي جنگ ۾ مصروف آهي. پنجاب سامراج جي غلامي سندس امن ۽ بقاء باهمي جي اصولن تي قائم تهذيب کي تباھہ ڪري مذهبي عصبيت، قبائليت ۽ لسانيات جي ناسورن کي سماج اندر پوئي ڇڏيو آهي.
هڪ طرف بک بدحالي ۽ افلاس سبب سنڌي قوم پنهنجي روايتي ماڻهپي کان ھٿ ڌوئي رهي آهي تہ ٻئي طرف سنڌ جا قومي وسيلا پنجابي سامراج لاءِ مالِ غنيمت جي صورت ۾ مباح بڻيل آهن. انھيءَ سموري مقامي ۽ بين لاقوامي صورتحال جي هوندي سنڌ جي قومي سوال جي نبيري لاءِ سنڌ اندر مضبوط قومي تحريڪ جي ضرورت ۽ اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو جيڪا سنڌ جي قومي ڪيس جي نہ صرف سنڌ ۾ بلڪہ عالمي سياست اندر بہ هر محاذ تي بهترين ترجماني ڪري سگهي ۽ تاريخ جي هِن فيصلا ڪن دور ۾ پنهنجين تنظيمي ۽ ادارتي ڪوتاهين جو ازالو ڪندي مضبوط تنظيمي ڍانچي، بهتر قيادت ۽ عوامي سگهہ جي ٻل تي سنڌ جي قومي سياسي منظر نامي کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري قوم کي آزادي جي منزل تائين پهچائي. قومي تحريڪ جي انھيءَ لازمي گھرجن جي کوٽ جو منصفاڻو تجزيو جِتي ٻين انيڪ سببن سان گڏ سنڌ اندر شاگرد سياست جهڙي اھم فيڪٽر جي ساڪن ٿيل ڪردار طرف نشاندهي ڪري ٿو اُتي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جي نمائندگي ھيٺ سنڌ جي شاگرد سياست جي مزاحمتي روايتن تي مشتمل تَحَرُڪ کي نئين سري سان بحال ڪرڻ جي صورت ۾ سنڌي قومي تحريڪ جي هيڻائي کي طاقت ۾ تبديل ٿيڻ جي پڻ پيشنگوئي ڪري ٿو.
سنڌ جي قومي ڪيس جي مُني صديءَ کان وڏي طوالت جي خاتمي لاءِ قومي تحريڪ جي گهربل ميچُوئرٽي جو تعلق قوم پرست شاگرد سياست جي جنهن سنجيدہ ڪردار سان آهي اُنھن جو پوراءُ سنڌ جي شاگرد سياست جي نمائندہ ۽ نامياري برانڊ جساف جي صورت ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جيڪا سنڌي قومي تحريڪ لاءِ ڪارڪن کان ويندي قيادت تائين بهترين ڪيڊر سازي وسيلي قومي تحريڪ جي سموري گھرجن ۽ لازمي پاسن جو تدارڪ ڪري سگهندي ڇو تہ سنڌ اندر مضبوط قومي تحريڪ جي انتهائي مُشڪل خواب جي خوبصورت تعبير لاءِ اَڄُ جي حالتن جي پيشِ نظر فعال جساف ئي واحد اُميد آهي. تنهن ڪري رهبرِ سنڌ سائين جي.ايم سيد جي عظيم فڪر جي روشني ۾ ”آزاد سنڌوديش“ جي مقدس منزل جي حاصلات لاءِ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) هيٺ ڏنل نقطن تحت سنڌ جي سُجاڳ ۽ ساڃاهہ وند شاگرد طبقي جي قوت، شعور ۽ پنهنجي ڌرتي سان فطري عشق جي بدولت سنڌ اندر شاگرد سياست جي نمائندگي ڪندي قومي تحريڪ جي هڪ اهم مورچي جي حيثيت ۾ مادرِ وطن سنڌ جي قومي وجود جي تحفظ، قومي آزادي جي حصول ۽ سماجي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي:
1. جساف جي جدوجھد جا بنيادي نقطا نئشنلزم، سيڪيولراِزم، جمھوريت ۽ سوشلزم ھوندا.
2. جساف، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاھر مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ سنڌي شاگردَن ۽ شاگردياڻين کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري سندن تعليمي، معاشي، معاشرتي، ثقافتي ۽ قومي حقن جي لاءِ جدوجھد ڪندي.
3. جساف، سنڌ جي قومي آزادي (سياسي، ثقافتي، اقتصادي ۽ جاگرافيائي آزادي) ۾ يقين رکي ٿي ۽ ان ڏس ۾ سائين جي.ايم سيد جي ڏنل ”سنڌوديش“ يعني قومي آزادي واري فڪر جي سنڌي شاگردن ۾ پرچار ڪندي.
4. جساف، سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سنڌي ٻولي، ادب، سنڌي ثقافت ۽ قومي تاريخ ڏانھن دلچسپي ۽ رغبت پيدا ڪرڻ جي لاءِ علمي، ثقافتي ۽ قومي سرگرميون ڪندي.
5. جساف، سنڌي ٻولي کي سنڌ جي واحد قومي ٻولي مڃي ٿي ۽ ان کي مڃائڻ جي لاءِ جدوجھد ڪندي جڏھن تہ جساف ”اردو“ ٻوليءَ کي پِڻ جديد سنڌ جو اھم حصو سمجهي ٿي.
6. جساف، سنڌ اندر هر سطح جي تعليم کي مفت ڪرائڻ ۽ لازمي قرار ڏيارڻ جي لاءِ مصروفِ عمل رھندي.
7. جساف، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جديد ۽ سائنسي بنيادن تي مبني نظامِ تعليم رائج ڪرائڻ جي لاءِ جدوجھد ڪندي.
8. جساف سنڌ ۾ مُروج طبقاتي نظامِ تعليم ۽ تعليمي ادارن جي ڪارپوريٽ ڪردار جي خاتمي، نئين سائنسي ۽ برابري واري تعليمي نظام قائم ڪرائڻ ۽ تعليمي معيار وڌائڻ لاءِ جدوجھد ڪندي.
9. جساف، سنڌ ۾ فني، ھُنري ۽ اعليٰ تعليمي ادارن جي قيام سان گڏوگڏ سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ پاڪستان جي ٻين اڪائين ۽ ٻاھرين ملڪن ۾ فني ۽ ھُنري اعليٰ تعليم جي حاصالت لاءِ اسڪالرشپ تي ملندڙ داخلائن کي يقيني بنائڻ لاءِ جدوجھد ڪندي.
10. جساف، سنڌ اندر نوجوانن جي ذھني تربيت سميت جسماني نشونما جي لاءِ مختلف راندين، مقابلن، سير ۽ تفريح جا پروگرام ترتيب ڏيڻ لاءِ پِڻ ڪوششون وٺندي.
11. جساف، سنڌ جي تعليمي ادارن جي تقدس ۽ پُرامن تعليمي ماحول جي قيام، شاگردن ۽ استادن جي وچ ۾ ھم آھنگي، پنھنجائپ ۽ احترام جي فضا قائم ڪري، استادن جي عزت ۽ وقار کي بُلند رکڻ ۽ شاگرد برادري ۾ انساني، اخلاقي، علم دوست ۽ جمھوري قدرن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪوشان رھندي.
12. جساف، سڀني آزادي پسند، قومي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ، سامراج دشمن ۽ تعليم دوست شاگرد تنظيمن سان فڪري ويجهڙائپ ۽ تعاون وڌائڻ سان گڏوگڏ، بين الاقوامي شاگرد تنظيمن سان لاڳاپا قائم ڪندي پنهنجي قومي ڪيس لاءِ سفارتڪاري ڪندي ۽ سندن حق پرست جدوجهد جي پڻ مڪمل حامي رھندي.
13. جساف، سنڌ خصوصن سنڌ جي تعليمي ادارن اندر وڌندڙ مذهبي مانفرت، فرقہ واريت ۽ مذهبي انتهاپسندي کي سنڌ جي سيڪيولر ۽ بقاءِ باهمي جي اصول تي مشتمل تهذيب لاءِ خطرناڪ سمجهي ٿي، جساف اهڙي قسم جي هر عمل خلاف جدوجهد ڪندي سنڌ ۽ اُن جي تعليمي ادارن ۾ سيڪيولر ۽ مذھبي رواداري تي قائم ماحول کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.
14. جساف سنڌ ۾ هٿرادو طور پيدا ڪيل لساني تفريق کي جديد سنڌ جي قومي وحدت خلاف سازش سمجهي ٿي، جساف سنڌ ۾ رھندڙ اُردو آبادي کي سنڌي قوم جو انتهائي اهم حصو هجڻ جي حيثيت ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ جو حصيدار سمجهي ٿي ۽ انھيءَ ڏس ۾ جساف سنڌي ۽ اُردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي سنڌ جي قومي جدوجهد ۾ متحد ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.
15. جساف، سنڌ اندر صنفي متڀيد کي ختم ڪري، صنفي برابري تي مبني ترقي يافتہ معاشري جي قيام کي نئين سنڌ لاءِ لازمي سمجھي ٿي، جنھن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سنڌ اندر صنفي سوال تي ڪم ڪندڙ ترقي پسند جماعتن جي جدوجھد ۾ سندن ٻانھن ٻيلي رھندي.
16. جساف، بلعموم دُنيا ۽ بلخصوص سنڌ اندر ماحولياتي تبديلي جي سوال کي انتهائي اھميت جوڳو سمجهي ٿي، پاڪستاني استعماريت ۽ لاتعداد لٽ مار سبب سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ سنگين ماحولياتي بحران جنهن ۾ سنڌو درياهہ، تمر جا ٻيلا، ڪارونجهر، سنڌ جا ٻيٽ ۽ سنڌ جي ساحلي پٽي سميت سنڌي سَمُنڊ جي تباهيءَ خلاف جساف علمي ۽ عملي طور ميدانِ عمل ۾ رهندي.
17. جساف، سنڌ جي عظيم مفڪر محترم سائين جي.ايم سيد کي سنڌ جو رھَبر ۽ آزاديءَ جو اهڃاڻي ڪردار (Symbolic Figure) مڃي ٿي ۽ سندس ڏنل ”سنڌوديش“ جي نظريي کي سنڌ جي قومي سوال جو واحد حل سمجهي ٿي.