پريس پڌرائي (14 فيبروري 2024)
پريس پڌرائي
(14 فيبروري 2024)
انساني ترقيءَ و تعمير جو پھريُون دَرجو اھو آھي تہ ھو مَجاز جا مرحلا طئہ ڪري حقيقي عشق جي دنيا ۾ داخل ٿئي، مجاز جڏھن شخصي مُحبت جا درجا طئہ ڪري حقيقي عِشقُ تائين رَسندو آھي، تہ اھو عِشق اعلي و ارَفع جي صورت ۾ بدلجي بُلند مقام حاصُل ڪندو آھي، ان حقيقي عشق منجھان ڌرتيءَ سان عشق ڪرڻ بُلند و بالا ڀاوَنائُن ۾ شُمار ٿئي ٿو، جھڙيءَ طرح وطن جي عشق کي ايمان جو جُز بڻائي پيش ڪيو ويو آھي، تہ حُبِ الوَطُنَ مَنُ الاِيمانَ “وطن سان عشق ڪرڻ ايمان جو جُز آھي” ايمان جا مُڪمل ڪرڻ جا زاوَيہ تڏھن پُورا ٿين ٿا جڏھن ڌرتيءَ جي عشق کي ايمان سان ڳنڍيو وڃي ٿو، جيسين ڌرتيءَ سان عِشقُ نٿو ٿئي تيسين ڪو بہ ماڻھو ايمان وارو نٿو ٿي سگھي.
.
اڄُ سموري دنيا ۾ 14 فيبروريءَ کي مُحبت جو عالمي ڏينهن طور ملهايو پيو وَڃي، جڏھن شخصي مُحبت جي درجي ۾ پيوَندُ نوجوان پنھنجي محبوبائن جي سُونهُن ۽ سُندرَتا جي
تعريف ڪري پَنھنجي محبت جو اظهار ڪندا آھن، اتي سِنڌُ جا اَڻ سُرتَ چاھُڪ پنھنجي ڌرتيءَ جي آزاديءَ جي لاءِ وري نئين سر عَهدُ ۽ اِقرار جو ورجاءُ ڪرَي، وطن جي حُب کي تازه و توانا ڪندا آھن؛ جيڪا وطن جي حُب سِنڌُ جي ھڪ عظيم سُورَ وِيرُ سائين جي ايم سيد جي بدولت سِنڌِيُن کي ملي آھي؛ جنھن سنڌين کي وَطن شُناسيءَ جو درس ڏنو ۽ دَردِياڻي ڌرتيءَ جي صدائن کي ورنائيندي آزاد سِنڌُودَيش جو عظيم فڪر ڏنو
اھڙي سُونهُن، سُندَرتا ۽ ڪَلپِنائِن جي گهوارو ديس کي ۽ سِنڌُ جي عظيم مُفڪر سائين جي ايم سيد کي مُحبتن جي عالمي ڏينهن تي جِيئي سِنڌ اسٽُوڊنٽس فيڊريشن طرفان مختلف تعليمي ادارن ۽ شھرن ۾ “مُحبتن جو عالمي ڏينهن سنڌ ۽ سيد جي نانءُ” جي عُنوان سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي؛ جنھن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ قوئيسٽ يونيورسٽي نوابشاھ ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، شھيد بينظير ڀُٽو يونيورسٽي نوابشاهه، ۽ شھيد بينظير ڀٽو ويٽرنري اينڊ اينيمل سائنس يونيورسٽي سڪرنڊ، مِٺي ۽ نئون ڪوٽ ۾ ويهَڪون منعقد ڪيون ۽ آزاد سِنڌُودَيش جي حاصَلات ۽ سرلُتائي ۽ وِشالتا جو وَچن ورجايو ويو.
حفيظ چانڊيو – مرڪزي ترجُمان
جِيئي سِنڌُ اسٽُوڊنَٽس فيڊريشن (جَساف)