پريس پڌرائي – جنوري 22، 2023
جديد انقلابي تاريخ اها پرولي حل ڪري ڇڏي آهي تہ بنا ادارن جي سماج جي ڪنهن بہ پرت جو ردعمل ڪنهن انارڪيءَ کي تہ ضرور جنم ڏئي سگهي ٿي، پر اهو انقلابي نتيجا ڏيڻ کان لاچار هوندو آهي، پاڪستان جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل سنڌي قوم کي پڻ هميشہ کان انقلابي اداري جي ضرورت رهي آهي، جيڪو سماجي تضادن جي گُهرجن کي پورو ڪري مستقل مزاجيءَ سان متبادل سگهہ طرف پيرا کڻي سنڌ کي نراس حال مان ڪڍي سمبارا جي رقص جهڙو معمر ماضي موٽائي ڏئي، جتي تاريڪي پنهنجا ديرا ڄمائيندي آهي، اتي جگنوءَ جي اڏام جو حتل امڪان پڻ هوندو آهي ۽ ائين ئي جساف جو جنم سنڌ جي گنگهور گهٽا مٿان ٽيڙو ٿي اڀريو، جتي سنڌ جي اڏول شاگردن شاگرد سوال کي کڻڻ سان گڏ قوم کي غلاميءَ جي آوي مان ڪڍڻ جي جُهد اتم ۾ جڙي ويا.
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پنهنجي تاريخي جدوجهد ذريعي سماجي لاڳاپن جي سائنس کي سمجهندي پاڻ سان جڙيل هر پرت لاءِ جدوجهد جا دڳ کوليا، جيڪا ڳالهہ هن رياست کي ڪڏهن بہ قابل قبول نہ هئي ۽ ان جساف کي روڪڻ لاءِ پنهنجي ڪنٽرولڊ ميڊيا ۽ پگهاردار ڪامورن جو استعمال ڪري سنڌ جي راڻي جماعت کي ڀتاخوري ۽ ٻين ڪيترن ئي سماجي الزامن ۾ الجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر شاگرد سوال، توڙي ٻين قومي مسئلن تي پنهنجي شاندار جدوجهد جي تسلسل کي جساف ڪڏهن بہ ٽٽڻ نہ ڏنو، نتيجي ۾ رياست ميڪياولي تشدد جا هٿڪنڊا استعمال ڪندي جساف مٿان ڪيترا ئي اڻ اعلانيل آپريشن ڪيا؛ جنهن ڏس ۾ سنڌ جي جهولي شهيد افضل ۽ شهيد آصف پنهور جي لهوءَ سان لال ٿي.
اڄ بہ رياست پنهنجي عتاب جي آويءَ کي تيز کان تيزتر ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي تعليمي ادارن کي سرڪس جو ميدان بڻائي پنهنجي سيڪيورٽي ادارن کي هٿ ۾ لڪڻ ڏئي رنگ ماسٽر وارو ڪم پئي وٺي، جيڪي سنڌ جي شاگردن کي رياستي مرضيءَ مطابق سوچرائڻ ۽ سمجهائڻ گهرڻ سان گڏ قومي تضاد کي پس پرده ڪري پنجاب پروري برقرار رکڻ گهرن ٿا.
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پنهنجي قيام کان اڄ تائين اهڙن سنڌ دشمن، شعور دشمن طاقتن اڳيان بند بڻجي بيٺي آهي ۽ پنهنجي تسلسل کي برقرار رکندي جدوجهد جِي تاريخ جَي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيڻ سان گڏ پنهنجي اصل آزاد ۽ خودمختيار صورت ۾ بحاليءَ جو اعلان 17 جنوري 2023 ۾ سائين جي ايم سيد جي 119هين سالگراهہ جي موقعي تي سن ۾ ڪيو هو، جنهن جي مرڪزي باڊي هن ريت آهي؛
- چيف آرگنائيزر: جي ايم کٽي
- ڊپٽي آرگنائيزر: آصف ڀرٽ
- ڊپٽي آرگنائيزر: شهزاد چانڊيو
- ڊپٽي آرگنائيزر: شان قريشي
- آرگنائيزر: اڪبر رضوي
- آرگنائيزر: حفيظ چانڊيو
- آرگنائيزر: انتظار روڌناڻي
- آرگنائيزر: لطيف ٻگهيو
جساف سنڌ جي ساڃاهہ اڳيان پنهنجي قيادت جي توسل سان اها دعوا ٿي ڪري تہ دنيا جي مختلف مظلوم قومن جي شاگرد سياست مان اتساهہ وٺي سنڌ جي قومي آزادي جي جدوجهد ۾ سنڌ جو هي قومي ادارو دنيا جي محڪوم ملڪن ۾ مستقبل جي تاريخ ۾ سڀ کان نمايان ڪردار ادا ڪرڻ ۾ پيش پيش رهندو، جساف سنڌ جي سموري آزادي پسند تحريڪ جي شهيدن جي رت جي امين ۽ وارث رهندي ۽ سندن قرباني جي ھميشہ نگهبان ۽ ضامن رهندي. انهيءَ سان گڏ سنڌ جي تعليمي حقن لاءِ هميشہ پاڻ پتوڙيندي رهندي. "جساف" سنڌ جي نوجوان مان ڀرپور ساٿ جي آسائتي هجڻ سان گڏ هن اڙانگي سفر ۾ اعتماد ۽ ڀروسي لاءِ پُراميد آهي.
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (مرڪز)