(26-07-2023)پريس رليز
جيئي سنڌ جيئي شاگرد جدوجھد
پريس رليز:
اڄ بتاريخ 26/07/2023 شاگردن جي نمائنده تنظيمن، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن/ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن/ سنڌي شاگرد سٿ/ ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو طرفان ڪراچي ۾ ھڪ اھم گڏجاڻي ٿي گذري.
گڏجاڻي جو مقصد دائود يونيورسٽي اندر شاگردن جي خارج ڪيل داخلا، شاگردن تي ٿيندڙ تشدد، فيسن ۾ وسيع واڌ سميت شاگردن جي بنيادي حقن جي حاصلات لاء منظم گڏيل جدوجھد ڪرڻ رھيو.
گڏجاڻي ۾
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان:
مبشر جاگيراڻي، آصف ڀرٽ، ڪامريڊ اڪبر ، سميع
پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان: وجاھت جاگيراڻي، مازن، رضوانہ
سنڌي شاگرد سٿ ڪراچي يونيورسٽي طرفان:
شاھد حسين شر، عامر صوبدار، ستار مغيري
پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو طرفان: ورثہ پيرزادو، جسونت سميت ٻين شاگردن شرڪت ڪئي .
گڏجاڻي ۾ شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن دائود يونيورسٽي مان شاگردن جي جبري داخلا خارج ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي انھيء فيصلي کي بي بڻياد قرار ڏئي تعليم دشمن وائيس چانسلر دائود يونيورسٽي ڊاڪٽر ثمرين عاصم جي فوري نيڪالي ۽ شاگردن جي داخلا بحالي جي گھر ڪئي.
شاگرد اڳواڻن دائود يونيورسٽي جي شاگردن جي داخلا بحالي تائين منظم تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪندي پھرين مرحلي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک ھڙتال ڪيمپ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.
بک ھڙتال ڪيمپ ڪراچي پريس ڪلب آڏو بتاريخ 30/07/2023 ڏينھن آچر منجھند 12 وڳي کان شروع ڪئي ويندي .
ايندڙ ھفتي کان دائود يونيورسٽي جي شاگردن جا امتحان شروع آھن، کين امتحان ۾ نه ويھڻ ڏنو ويو ته سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ٿيندا ۽ يونيورسٽي آڏو ڌرڻو پڻ ھنيو ويندو.
ڪنھن بہ ڌر کي تعليم دشمن وي سي جو ساٿاري ٿيڻ نه ڏينداسين، شاگردن کي ڪجھ به ٿيو ته انھيء جا ذميوار وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين عاصم، پرو وائيس چانسلر وحيد ڀٽو، رجسٽرار آصف علي شاھ، سڪندر عباسي ھوندا.
شاگردن جي والدين جي تذليل ناقابل برداشت عمل آھي، ڊاڪٽر ثمرين عاصم، وحيد ڀٽو ، آصف علي شاھ کي ٻڌايون ٿا ته يونيورسٽي توھانجي جاگير نه بلڪه شاگردن ڄو ٻيو گھر آھي. توھان جا تعليم دشمن فيصلا شاگرد ھر محاذ تي رد ڪن ٿا.
پرامن احتجاجن کي نظر انداز نه ڪيو وڃي.
دائود يونيورسٽي جي شاگردن سان ھر محاذ تي گڏ آھيون، کين ڪنھن به صورت اڪيلو نٿو ڇڏي سگھجي، بي بڻياد affidavit سميت ھر انتظامي فيصلن کي عدالتن کان روڊن رستن تائين کڻي هلنداسين.
وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين پنھنجا حواس وڃائي ويٺي آھي ھوءَ پاڻ کي واڳون جي تشبيھ ڏئي شاگردن سان وير رکي پئي سندس اداري مان برطرفي تائين جدوجھد جاري رھندي.
ھي مسئلو شاگردن ۽ انتظاميا جي وچ آھي فورسز جي مداخلت قطعي برداشت نه ٿيندي.
شاگردن کي تعليم کان محروم ڪرڻ جو حق ڪنھن کي بہ ڪون ڏنو ويندو، پيڙھيل طبقي سان وابسته شاگردن کي اسڪالرشپ سميت رليف ڏيڻ بدران ادارن مان ڪڍيو پيو وڃي، حڪمرانن انساني قدرن کان وانجھيل، پنھنجي پسنديده ماڻھن کي ادارن جي اعلي عھدن تي ويھاري ڇڏيو آھي.
سنڌ جا تعليمي ادارا تباھ حال آھن، جمھوريت جو راڳ آلاپيندڙ پي پي سرڪار توڙي وفاقي سرڪار ادارن کي مڪمل نظر انداز ڪري تعليمي ادارن کي ڪرپٽ ٽولن حوالي ڪري ڇڏيو آھي.
ھائير ايجوڪيشن ڪميشن سالن کان اگھور ننڊ ستل آھي جنھن جو وجود ئي نظر ڪون پيو اچي.
شاگرد تنظيمن جي اڳواڻن فيسن ۾ واڌ، تعليمي ادارن اندر فورسز جي مداخلت، ھاسٽل جي اڻھوند، ادارن ۾ ٿيندڙ حراسمينٽ شاگرد يونين جي بحالي سميت بنيادي حقن جي حاصلات لاء گڏيل جدوجھد ڪرڻ تي اتفاق قائم ڪندي ڪراچي جي سطح تي جلد الائينس جي باضابطا جوڙجڪ جو اعلان پڻ ڪيو آھي.
وقت اچي ويو آھي ته شاگرد ھڪ آواز ٿي انتظامي ھڪ ھٺي کي ٽوڙڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن.
ھن تحريڪ ۾ جدوجھد اسان توھان سڀين جي گڏيل جدوجھد آھي.
گڏجاڻي ۾ تازو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن جي داخلا خارج ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي شاگردن جي فوري بحالي جو مطالبو پڻ ڪيو ويو.
شاگرد اڳواڻن بھاولپور اسلاميه يونيورسٽي اندر درپيش آيل حراسمينٽ جي شرمناڪ واقعي جي به سخت مذمت ڪندي اداري جي ملوث سموري عملي کي حراست ۾ وٺي ملوث جوابدارن کي منطقي انجام تي پھچايو وڃي ۽ اداري جي سموري انتظاميه کي جاچ ۾ شامل ڪري معطل ڪيو وڃي .
پاران:
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن
پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن
سنڌي شاگرد سٿ
پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو