اعلان (Announcement)
اعلان (Announcement)
10 جولاءِ 2023
سنڌ جي قومي تحريڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موبائيل اپليڪيشن ذريعي پنهنجو پيغام دنيا تائين پهچائڻ جو اعزاز سنڌي قومپرست شاگرد سياست جي ماءُ جماعت جساف پنهنجي نالي ڪندي سمورن قوم ڪارڪن توڙي ساڃاهہ وندن کي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي.
انفارميشن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ جتي رياست پنهنجي پوري سگهہ سان سنڌ جي قومي ڪيس کي نه صرف دٻائڻ ۽ خراب ڪرڻ لاءِ پروپئگنڊا مشينري مان ڪم وٺي رهي آهي بلڪه سنڌي ماڻهن تائين پنهنجي زهريلي نصاب، ڪنٽرولڊ پرنٽ اينڊ اليڪٽرونڪ ميڊيا، انٽرنيٽ کان ويندي هر ممڪن ذريعي جي بدولت پنهنجو سنڌ دشمن بيانيو پهچائي سنڌي سماج ۾ مذهبي انتهاپسندي، خانه جنگي ۽ غير سياسي روئين کي فروغ ڏيندي سنڌ جي قومي شيرازي کي منتشر ڪرڻ ۾ ڪا به قصر ناهي ڇڏي. اُتي سنڌ جي قومي تحريڪ داخلي ڪمزورين سبب پنهنجي قوت جي صحيح رُخ ۾ استعمال کان قاصر هُجڻ ڪري هِن جديد دور ۾ رياست جي انفارميشن وارفير جو مقابلو نه ڪري سگهڻ سبب سنڌي ماڻهون سان تُرت ۽ تڪڙو رابطو قائم رکندي سندس پنهنجي ڪيس کي پھچائڻ ۾ مشڪلاتن سان منهن ڏئي رهي آهي.
”جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ (جساف) هميشہ قومي تحريڪ ۾ هر دور پٽاندڙ جدوجهد جي جديد طريقيڪار کي عالمي تناظر بخشڻ ۽ نوان لاڙا ڏيڻ جي دعويدار رهي آهي ۽ ان اهو سمجهو آهي تہ قومي تحريڪ جيسيتائين اڄ جي انفارميشن وارفيئر جي طريقيڪار مطابق پنهنجي محنت ۽ سگهہ جو استعمال نٿي ڪري تيسيتائين سنڌ هن پنجابي بيٺڪيت مان پاڻ آجو ڪرائي نہ سگهندي. جساف هميشہ سنڌ جي قومي تحريڪ لاءِ نون رُخن ۽ لاڙن جو تعين ڪيو آهي تنهنڪري ”جساف“ قومي تحريڪ کي هڪ نئين جديد دور ۾ وٺي وڃڻ واري چيلينج اندر پاڻ کي هڪ اهم قوت سمجهي ٿي، ان چيلينج کي پورو ڪرڻ لاءِ اڄ ”جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ سنڌ جي قومي تحريڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي ترجمان “ڀومي” جي موبائيل اپليڪيشن متعارف ڪرائڻ وڃي رهي آهي. هن اپليڪيشن کي ڊِولَپ ڪري ﻗﻮﻡ تائين پهچائڻ لاءِ جساف پنهنجي ”آئي ٽي“ سيل کي مبارڪباد پيش ڪري ٿي جن جي اڻٿڪ محنتن سبب ڪيترن ئي مهينن جي ٽرائل کان پوءِ ئي سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ هي ڪارنامو سرانجام ٿي سگهيو آهي جيڪو وقت سِر اڃا بهتر ۽ اثرائتي نموني جساف ترجمان ”ڀومي“ کي قوم جي هر پرت تائين پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو.
انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جي دور ۾ جساف پاران ڀومي موبائل ايپليڪيشن جي لانچنگ سنڌ جي سموري قومي تحريڪ کي جدت طرف وٺي وڃڻ لاءِ سنگِ ميل جي حيثيت رکندڙ هوندي ۽ جساف پاران پنهنجي حصي جو هي تاريخي اعزاز رهبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد ۽ سنڌ جي قومي شاگرد شهيدن کي خراج طور پيش ڪرڻ سان گڏ انھيءَ وچن کي ٻيهر ورجائي ٿي ته سنڌ جي قومي تحريڪ کي نوان رُخ ۽ لاڙا ڏيڻ لاءِ ”جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ هميشه ٽرينڊ سيٽر جيان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.
”جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ (جساف) ~ مرڪز
ڀومي اپليڪيشن هن لنڪ ذريعي ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿي.